پاڪستانسنڌ

نوابشاهه پوليس مبينا مقابلي ۾ پورهيت کي ماري ڇڏيو، لاش رکي ڌرڻُو

نوابشاهه: نوابشاهه پوليس اٺهٺ موري واسي پورهيت عطا محمد ڪيريو کي مبينا مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، وارثن جو ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻو. خبر موجب گذريل رات اٺهٺ موري واسي پورهيت عطا محمد ڪيريو پنهنجي گهران پنهنجي ٻن نياڻين لاءِ نوان اسڪولي بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ نوابشاهه شهر آيو ته نوابشاهه پوليس مبينا مقابلي ۾ گوليون هڻي ماري ڇڏيو. جڏهن ته مقتول پورهيت عطا محمد ڪيريو جو گوليون لڳل لاش کڻي سندس ڀاءُ عُطر ڪيريو، چاچي شفيع محمد ڪيريو، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، رفيق ملاح، ٻڍل مگسي ۽ ٻين سوين ماڻهن ايس ايس پي چوڪ آڏو روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي وچ چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي. ان موقعي تي مڇريل مظاهرين نوابشاهه پوليس جي پوليس گردي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عطا محمد ڪيريو غريب پورهيت هو، جيڪو پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، سندس خواهش هئي ته ٻن نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياري، هو ٻنهي نياڻين جي لاءِ نوان اسڪولي بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ نوابشاهه شهر آيو هو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ديدار سولنگي ۽ ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال وساڻ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو چيو ته نوابشاهه ۾ پوليس گردي انتها تي پهچي چڪي آهي، غريب ۽ شريف ماڻهن جي جان محفوظ ناهي، جيستائين عطا محمد ڪيريو جا قاتل پوليس عملدار ديدار ماڇي ۽ اقبال وساڻ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button