اسلام آباد:سينيٽ هڪ صدي پراڻي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي بل تي سخت مخالفت کانپوءِ سينيٽ جي لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو. جڏهن ته قانون واري وزير اعطم نذير تارڙ بل پيش ڪيو ته بل جي حڪومتي اتحادي پيپلزپارٽي، جي يو آئي، پي ٽي آئي، جماعت اسلامي، ايم ڪيوا يم کان علاوه (ن) ليگ جي افنان الله پڻ مخالفت ڪئي. تمام گهڻي قانونسازي تي سينيٽر رضا رباني ڇتي تنقيد ڪندي احتجاجن ايجنڊي ۽ بلن جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. تفصيل موجب موجوده حڪومت گذريل ڏينهن آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل 2023 کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو هو جنهن موجب ڳجهين ايجنسين کي مڪمل اختيار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهي ڪنهن به شهري کي قانون جي ڀڃڪڙي جي شڪ ۾ ڇاپو هڻي کنڀي سگهن ٿيون. سينيٽ جي ايجنڊا مطابق گهرو وزير کي بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻو هو، ان جي غيرموجودگي ۾ اعظم نذير تارڙ بل پيش ڪيو. ايوان ۾ خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ايئن لڳي ٿو ته مون کي سينٽ ۾ نه پر راجواڙي ۾ اماڻيو ويو آهي. هٿ ٻڌل ۽ اکين تي پٽي ٻڌي وئي آهي. سينيٽر ڪامران مرتصيٰ چيو ته جيڪڏهن قانونسازي ايئن ڪرڻ آهي ته ايوان مان واڪ آئوٽ ڪندس. جڏهن ته اجلاس دوران سينيٽ پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ اسحاق ڊار رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023 قومي اسيمبلي جي منطور ڪيل شڪل ۾ غور هيٺ آندو وڃي، اپوزيشن ميمبرن رٿ جي مخالفت ڪئي. ان کانسوا پاڪستان ايئر سيفٽي انويسٽيگيشن بل 2023 جي به ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close