اسلام آبادپاڪستان

طوفاني قانونسازي،ٻن ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي ۾ 53 بل منظور

اسلام آباد : موجوده حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ ملڪي تاريخ جو رڪارڊ ٺاهيندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ايوانن مان تمام وڏي انگ ۾ بل منظور ٿيڻ جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو. پارليامينٽ ميمبرن موقف ڏنو ته بلن جون ڪاپيون به ميمبرن کي نه پيون ڏنيون وڃن. پارليامينٽ ميمبرن مطابق نئين قانونسازي جا بل لاڳاپيل ڪميٽين کي به نه پيا اماڻيا وڃن ۽ نئين قانونسازي تي ايوان ۾ بحث به نه پيو ڪرايو وڃي. اسيمبلي ميمبرن پاران اهو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جلد بازي ۾ ڪيل قانونسازي جا اثر ٿيندا. صرف هڪ ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي هڪ درجن کان وڌيڪ بل منظور ڪيا ۽ ڪافي شقن ۾ ته اهڙا بل به پاس ڪرايا ويا جيڪي ايجندا ۾ موجود نه هئا. خميس 27 جولاءِ تي قومي اسيمبلي 24 بل منظور ڪيا، جڏهن ته جمعو 28 جولاءِ تي قومي اسيمبلي 29 بل منظور ڪيا. گذريل ڏينهن به قومي اسيمبلي مان 6 بل پاس ڪرايا ويا ۽ انهيءَ قانونسازي تي حڪومتي ميمبرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ڪري اسپيڪر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، ان جو مثال نگران حڪومت جي مدي جي حوالي سان بل آهي جنهن جو ايجنڊا نه ته وقت تي جاري ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جو مسودو ميمبرن کي فراهم ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button