اسلام آباد :ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آئي چيئرمين جي ٽيڪس رٽرنز بابت شاهدن کي پيش ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيئرمين جي دفاع وارو حق ختم ٿي ويو. جج همايون دلاور چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل بئريسٽر گوهر علي مڃي ورتو ته 4 شاهد ٽيڪس رٽرنز سان لاڳاپيل آهن. پي ٽي آئي چيئرمين جي وڪيل شاهدن جو ڪيس سان تعلق بنائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. جج همايون دلاور ريمارڪس ڏنا ته سيشن عدالت انڪم ٽيڪس رٽرنرز کي نه پئي ڏسي، اليڪشن ايڪٽ سيڪشن 167 ۽ 173 تحت شڪايت داخل ڪئي، شڪايت انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت داخل نه ڪئي وئي. پي ٽي آئي چيئرمين انڪم ٽيڪس سان شاهدن جو تعلق ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. پي ٽي آئي چيئرمين کي انڪم ٽيڪس سان لاڳاپيل شاهدن کي پيش ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ ڪيس ۾ فوري ٽرائل روڪڻ جي اپيل رد ڪندي آفيسرن کي 4 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ پي ٽي آئي چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 27 جولاءِ جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل تي جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ قائم ٽه رڪني خاص بئنچ شنوائي ڪئي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اسان حڪم نامي ۾ لکيو هو ته هاءِ ڪورٽ درخوستن کي گڏ ٻڌي ٿي سگهي ٿو جيڪو رليف اوهان گهري رهيا آهيو اهو هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري ڇڏي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پهريان هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، جنهن تي عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيوته هاءِ ڪورٽ منع نامو ناهي ڏنو ان لاءِ سپريم ڪورٽ آيا آهيون. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي کي چار آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته انٽراپارٽي اليڪشن نه ٿيڻ تي پي ٽي آئي چونڊ نشان وٺڻ لاءِ نااهل ٿي سگهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close