اسلام آبادپاڪستان

جولاءِ جي مهيني ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جا 157 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :لاپتا ماڻهو ڪميشن پنهنجي اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو ته جولاءِ جي مهيني ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي انگ ۾ 157 ماڻهن جي واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ لاپتا ماڻهن جو ڪل انگ 9736 مان وڌي 9893 ٿي ويو آهي. ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته 31 جولاءِ تائين لاپتا ماڻهن جا ڪل 7616 ڪيس اڪلايا ويا ۽ 2277 ڪيس التوا هيٺ آهن. هلندڙ سال هن وقت تائين کنڀي گم ڪري ڇڏڻ جا 690 ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته 615 ڪيس اڪلايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button