اسلام آبادپاڪستان

عمران جي گرفتاري جو اليڪشن سان واسطو ناهي،عدالت سزا ٻڌائي آهي:حڪومت

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري جو اليڪشن سان ڪو به تعلق ناهي، کيس حڪومت گرفتار ناهي ڪيو. ڪيس کي نواز شريف سان ڀيٽڻ جي ضرورت ناهي. ٽرائل ڪورٽ ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد خان کي سزا ٻڌائي. جيڪڏهن حڪومت ان کي گرفتار ڪرڻ گهري ها ته اپريل 2022 ۾ گرفتار ڪري ها. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان پنهنجي خلاف لڳايل ڪنهن به الزام جو جواب نه ڏئي رهيو آهي، جڏهن کانئس جواب طلب ڪيو ويو ته هو ادارن تي حملا ڪندا هئا، پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڏوهن جي جاچ هلي رهي هئي. ڪيس ۾ چاليهه کان وڌيڪ پيشيون ٿيون، جوابدار کي پاڻ کي بري ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين چاليهه پيشين مان صرف ٽن ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ناهي، عدالت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو ٻڌايو. هن توشا خاني جا تحفا بعد ۾ خريد ڪيا ۽ پهريان وڪرو ڪيا. پي ٽي آءِ چيئرمين عدالتن ۾ به ڪوڙ ڳالهايو، سمورا موقعا ملڻ باوجود عمران خان توشا خاني چوري ڪيس ۾ پنهنجا جواب ڏيڻ ۾ ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته عمران خان 190 ملين جي ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو، هن سائفر جي ڪيس ۾ به ڪوڙ ڳالهايو، پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ريٽرن ۾ صحيح اثاثا ظاهر نه ڪيا، هن فارم بي ۽ ٽيڪس ريٽرن ۾ ٽن گهرن جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بني گالا ۾ 300 ڪنال گهر، زمان پارڪ ۾ 8 ڪنال گهر ۽ بني گالا ۾ سندس زال جي 3 ڪنال گهر جو فرنيچر صرف 5 لک رپين جو ٻڌايو. هن هڪ تولو سون جو اعلان نه ڪيو، سندس ٽيڪس ريٽرن ۾ ٻه ٻڪريون ظاهر ڪيون. هن چيو ته چور پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ 15 مهينا ڀڄندو رهيو، هن واچ خريد ڪرڻ کان اڳ وڪرو ڪئي، سڄي ڪيس ۾ واچ وڪڻڻ جو اڄ تائين ڪو به ثبوت ناهي. عوام کي خبر پئجي وئي ته 9 مئي وارو واقعو ڇو ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button