اسلام آباد :انساني حقن جي ڪارڪن ۽ سينئر ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال حسين ملڪ چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت تي زور ڀري ته هو ڄمون ڪشمير تي غيرانساني فوجي گهيراءَ کي ختم ڪري. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع واري پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺي. ڪشميري قوم هڪ ڏينهن آزاد ٿيندي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل نه ٿيندو، علائقائي امن هڪ خواب ئي رهندو. هن چيو ته سڄي دنيا جي ڪشميرين ڀارت خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close