اسلام آبادپاڪستان

سي سي آئي نئين آدمشماري نتيجن جي منظوري ڏئي ڇڏي،چونڊون التوا جو شڪار ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد :گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ستين آدمشماري جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال ٿيندڙ چونڊون 6 مهينا التوا جو شڪار ٿيڻ جو خدشو پئدا ٿي ويو آهي.ان ڏس ۾ ڪالهه وزيرِاعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين آدمشماري جي گڏيل طور تي منظوري ڏني وئي. وزيرِ اعظم هائوس ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، وفاقي وزير ۽ شماريات کاتي سميت لاڳاپيل کاتن جي اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نئين آدمشماري بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شماريات بيورو طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي آدمشماري تي بريفنگ ڏني ۽ ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا پيش ڪيا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري تحت پاڪستان جي ڪُل آبادي چويهه ڪروڙ ڏهه لک ٿي وئي آهي، جنهن کانوءِ ڪائونسل متفقه طور تي آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چئني وڏن وزيرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن آدمشماري جي نتيجن تي مڪمل اتفاق ڪيو آهي. اجلاس ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي ڊاڪٽر خالد مگسي، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قمر زمان ڪائرا پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق جي مضبوطي لاءِ اهم آئيني ادارو آهي. پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي جيڪا خوش آئند آهي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ پاڪستان ڳڻپ بيورو ان قومي فرض ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزارت جي آفيسرن ۽ خاص طور تي شماريات بيورو ۽ گهرن اندر داخل ٿيندڙ رجسٽريشن جا عملدار هن ڊجيٽل آدمشماري کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي ساراهه جا مستحق آهن. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ جي شرح پاڪستان جي معاشي ترقي کان وڌيڪ آهي، آبادي ۾ واڌ ڪيترن ئي قسمن جا مسئلا پيدا ڪري ٿي ۽ اهو پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته اسان کي نه رڳو آبادي ۾ واڌ کي روڪڻو آهي پر پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائيندي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي جي لاءِ ڪافي نه آهن، جيڪڏهن آبادي جي واڌ جي شرح موجوده شرح سان جاري رهي ته پاڪستان ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو، اسان جي سمورين ڪوششن باوجود ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو، ان واڌ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ياد رهي ته اڳوڻي حڪوتم به 2023ع جي چونڊون نئين آدمشماري تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، اِهو فيصلو 2021ع ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button