اسلام آبادپاڪستان

چونڊون 90 ڏينهن کانپوءِ ٻه کان اڍائي مهينا ملتوي ٿينديون:اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد : قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سمورن ميمبرن نئين آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت عام چونڊون نئين آدمشماري موجب ٿينديون. چونڊون 90 ڏينهن کانپوءِ ٻه کان اڍائي مهينا ملتوي ٿينديون. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته ڪالهه گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڊگهو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيرِاعظم، چئني صوبن جي وڏن وزير، سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ ڪائونسل ۾ نئين آدمشماري جي متفقه منظوري ڏني وئي. هن چيو ته آئيني بحراني ڪيفيت هئي جيڪا هاڻي ختم ٿي وئي آهي، هاڻي اِهو اليڪشن ڪميشن تي آهي ته هو تڪبندين تي ڪيترو جلدي عمل ڪري ٿو، چئن مهينن اندر تڪبندين جو عمل مڪمل ڪرڻو هوندو آهي. سندس چوڻ هوته سمورن صوبن جون سيٽون ساڳيون ئي رهنديون، ان ڪا به ڦيرڦار نه ٿيندي، آدمشماري جا نتيجا ائين آهن ان سان سيٽن جي ورهاست تي اثر نه پوندو. چونڊن ۾ دير تي نگران حڪومت کي ڪنهن آئيني ڪور جي ضرورت ناهي هوندي.اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جو آرٽيڪل 254 چوي ٿو ته چونڊون اڳتي ڪري سگهجن ٿيون، نگران حڪومت جي ذميواري اليڪشن ڪرائڻ هوندي آهي، جيستائين چونڊون ناهن ٿينديون، نگران سيٽ اَپ رهندو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو جنوري 2021ع وارو فيصلو جنهن ۾ هڪ ڳالهه اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي ته ايندڙ عام چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ڪرايون وينديون ڇاڪاڻ ته گذريل آدمشماري تي صوبن کي ڪيترائي اعتراض هئا. سياسي پارٽين کي تحفظات هئا پر آئيني ترميم کانپوءِ چونڊون ڪرايون ويون. هن چيو ته هاڻي اهو اليڪشن ڪميشن تي دارومدار آهي ته اها تڪ بندين جو عمل ڪيتري جلد مڪمل ڪري ٿي، ان ۾ وڌ ۾ وڌ 120 ڏينهن آهن جنهن ۾ ان کي مڪمل ڪرڻو آهي پر اهو معاملو اليڪشن ڪميشن جي صوابديد تي آهي ته هو اها ڪيتري جلد شروع ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button