اسلام آبادپاڪستان

گذريل 6 سالن دوران آبادي ۾ ساڍا 3 ڪروڙ ماڻهن جو اضافو ٿيو:ڳڻپ کاتو

اسلام آباد :سي سي آئي اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان جي ڳڻپ کاتي طرفان آدمشماري جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شماريات کاتي طرفان ٻڌايو ويو ته ستين آدمشماري مطابق پاڪستان جي مجموعي آبادي 241 ڏهائي 49 ملين آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2 ڏهائي 55 سيڪڙو رهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي آدمشماري جي شرح باقي صوبن کان وڌيڪ 3 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي، گذريل 6 سالن ۾ آباد ۾ ساڍا 3 ڪروڙ جو اضافو ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ خيبرپختونخوا جي آبادي 40 ڏهائي 85 ملين، پنجاب جي آبادي 127 ڏهائي 68 ملين، سنڌ جي آبادي 55 ڏهائي 69 ملين، بلوچستان جي آبادي 14 ڏهائي 89 ملين ۽ اسلام آباد جي آبادي 2 ڏهائي 36 ملين رڪارڊ ڪئي وئي. ان لحاظ کان پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ جي موجوده سالياني شرح 2 ڏهائي 55 سيڪڙو آهي. جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2 ڏهائي 38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2 ڏهائي 53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2 ڏهائي 57 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3 ڏهائي 20 سيڪڙو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button