اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي طرفان توشا خانا ڪيس جي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل

اسلام آباد : پي ٽي آءِ چيئرمين توشا خانا ڪيس جي شنوائي جي سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي. سُپريم ڪورٽ ۾ چار آگسٽ جي هاءِ ڪورٽ واري فيصلي خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو تڪڙ ۾ ڏنو. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته توشا خانا ٽرائل جي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي ۽ توشا خانا ڪيس ٽرائل هلائيندڙ جج بدران ڪنهن ٻئي جج ڏانهن اُماڻيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس ان ئي جج ڏانهن اُماڻيو آهي، جنهن تي اسان کي اعتراض آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جنهن نموني ۾ فيصلو ڏنو، ان سان درخواست گذار جي بنيادي انساني حقن جي نفي ٿي، هاءِ ڪورٽ ٽرانسفر جي درخواست جا ميرٽ ۽ جج جي جانبداري تي دليل نه ٻڌا. درخواست موجب، هاءِ ڪورٽ چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج درخواستگذار کي درست انداز ۾ نه ٻڌو، هاءِ ڪورٽ جي ان آبزرويشن سان ٽرائل ڪورٽ جي جج جي جانبداري ثابت ٿئي ٿي، انڪري ڪيس ڪنهن ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button