اسلام آبادپاڪستان

عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا،لاهور مان گرفتار

اسلام آباد/لاهور:اسلام آباد جي مقامي عدالت توشاخانا ڪيس ۾ عمران خان کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي زمان پارڪ لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. ميڊيڪل کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻو هو پر سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي کيس اٽڪ جيل منتقل ڪري هاءِ سيڪيورٽي زون واري لاڪ اَپ ۾ رکيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جج همايون دلاور توشا خانا ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو. توشاخانا ڪيس جي ڪارروائي ٽي ڀيرا وقفي کانپوءِ شروع ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجا حارث عدالت پهتو ۽ ٻڌايو ته گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان کي هاءِ ڪورٽ ۾ داخلا کان روڪيو ويو، اسان اوهان جي عدالت منتقلي جي درخواست داخل ڪري رهيا آهيون. عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدار خلاف الزام ثابت ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ڪرپٽ پريڪٽسز ملوث قرار ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي بدديانتي ثابت ٿي وئي آهي. عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ٽي سال قيد جي سزا جو حڪم ٻڌائيندي مٿس هڪ لک رُپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدار کي ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ ڇهه مهينا جيل ۾ گذارڻا پوندا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته “هن کي قومي خزاني مان حاصل ڪيل منافعي کي لڪائڻ سان بدعنواني جي عملن جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. هن توشه خاني مان مليل تحفن جا تفصيل فراهم ڪري ٺڳي ڪئي، جيڪي بعد ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا. وڌيڪ چيو ويو ته ‘هن جي بدعنواني ڪنهن شڪ کان ٻاهر ثابت ٿي چڪي آهي’. عدالت فيصلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ترت گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آءِ جي اسلام آباد گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرائي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 63 ون ايڇ تحت 5 سالن لاءِ ڪنهن به سرڪاري عهدي تي رهڻ لاءِ پاڻمرادو نااهل ٿي ويو آهي. ان کان اڳ توشا خانا ڪيس ۾ جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي دليلن لاءِ آخري مهلت ڏيندي چيو ته 12 وڳي تائين دليل ڏيو نه ته فيصلو ٻڌائي ڇڏيندس. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل جي عدالت ۾ وقت سر پيش نه ٿيڻ تي ٻه ڀيرا وقفي کانپوءِ شنوائي شروع ٿي، جنهن تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور جي روبرو پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجا حارث جي مددگار وڪيل خالد يوسف چوڌري پيش ٿيو ۽ هن چيو ته خواجا حارث احتساب عدالت ۾ موجود آهي، هن وڌيڪ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي. ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته جوابدار کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، واضح ڪريو ته خواجا حارث احتساب عدالت ۾ دليل ڏئي رهيو آهي، اسان کي ڄاڻ ملي آهي ته خواجا حارث احتساب عدالت ۾منجهند اڍائي وڳي جو وقت ورتو آهي. عدالت چيو ته جوابدار کي واضح هدايت ڪئي هئي ته ساڍي اٺين وڳي حاضري يقيني بڻائي، مون چيو هوته جيڪڏهن جوابدار پيش نه ٿيو ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين. سيشن جج دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي آخري مهلت ڏيندي رمارڪس ڏنا ته 12 وڳي تائين دليل ڏيو ٻي صورت ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيندس. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ توشا خانا ڪيس جي شنوائي شروع ٿي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ۽ سعد حسن عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو. سيشن جج همايون دلاور امجد پرويز سان مڪالمو ڪندي چيو ته ڪجهه چوڻ چاهيندئو؟ ڪو شعر ئي ٻڌايو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل شعر ٻڌايو. بعد ۾ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن کي ساڍي ڏهين وڳي تائين جي مهلت ڏني. هوڏانهن توشا خانا ڪيس ۾ ٽي سال قيد جي سزا ملڻ کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي زمان پارڪ لاهور مان گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي سي آءِ اي ملڪ لياقت جي سربراهي ۾ پوليس جي ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪيو، سندس عمران خان سان گڏ تصوير به سامهون آئي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي موٽروي رستي لاهور کان اسلام آباد سخت سيڪيورٽي ۾ منتقل ڪيو ويو. پوليس جي ٽيم کيس اڊيالا روڊ تان اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو ڪيو. ميڊيڪل کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻو هو پر سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي کيس اٽڪ جيل منتقل ڪري هاءِ سيڪيورٽي زون واري لاڪ اَپ ۾ رکيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button