اسلام آبادپاڪستان

حڪومتي اتحادي پيپلز پارٽي چونڊن ۾ دير جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد:گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ ٻن نگران وڏن وزيرن جي شرڪت ۽ چونڊن ۾ امڪاني دير بابت تڪرار گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ به گونجيو، جتي حڪومت جي اهم اتحادي پيپلز پارٽي چونڊن ۾ دير جي مخالفت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ سينيٽر رضا رباني وزيراعظم شهباز شريف جي نئين تڪبندين تي چونڊون ڪرائڻ جي تجويز جي مخالفت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته چونڊون ڪيترائي مهينا ملتوي ٿي سگهن ٿيون. هن واضح ڪيو ته نگران وڏي وزير جو رڳو محدود ڪردار آهي، هو مردم شماري بابت تڪراري فيصلا نه ٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين آدمشماري ۽ نئين تڪ بندين جي بنياد تي چونڊون ڪرائڻ جو بهانو ڪري چونڊن ۾ دير ڪئي وئي، ان جي حمايت نه ڪئي ويندي. موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير سينيٽر شيري رحمان به چيو آهي ته آدمشماري جو معاملو تڪراري آهي، ان کي چونڊن سان ڳنڍڻ سان پنڊورا باڪس کلي ويندو، اسان نٿا چاهيون ته چونڊون ملتوي ٿين، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button