مٺي: ايس ٽي پي طرفان ڪارونجھر جي نيلامي خلاف ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر جبل سامھون جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي حڪمرانن ٿر جو ڪوئلو وڪڻي ڇڏيو، خالي وڏن بورڊن تي لکي ڇڏيو آھي ٿر بدلائٔيندو پاڪستان، پر ٿرين جو مقدر تبديل نه ٿيو، ڪنھن ھڪ ٿري کي ڪا نوڪري نٿي ملي، ھاڻ سنڌ جو ڳاٽ ڪارونجھر ٿا کپائٔين، پر ايس ٽي پي وادي ڪارونجھر لا مزاحمت جو ڪردار ادا ڪندي ۽ ڪنھن به صورت ۾ ڪارونجھر سان ھٿ چراند برادشت نه ڪندي. جلسي کي گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ھوت خان گاڏھي، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، گھنشام مالھي، ڏيوجي ڀيل، ڪارونجھر بچايو تحريڪ جي اڳواڻ الله رکيو کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو. جلسي ۾ ڄام شوڪت ابڙو، سارنگ انڙ، قادر چنا، جان محمد جوڻيجو، شاھنواز سيال، ڏاڏو آدم ھنگورجو ۽ لالا مھيش سنڌي سميت سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئٔي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close