پاڪستانسنڌ

ٽرين حادثي ۾ ٽنڊوآدم جي هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي فوت، 15 گم

ٽنڊوآدم: سرهاڙي لڳ ٽرين جي حادثي ۾ ٽنڊوآدم جي هڪ خاندان جي 3 عورتن سميت 6 ماڻھو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ گم آهن. سرهاڙي لڳ هزاره ايڪسپريس جي 10 بوگين جي ٽريڪ تان لهي وڃڻ سبب فوتين ۽ زخمين ۾ ٽنڊوآدم جا به ماڻھو شامل آھن. ٽرين حادثي ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ ئي خاندان جون 3 عورتون 60 ورهين جي رضيه زال عبدالرزاق خلجي، 55 ورهين جي شريفان زال فقير محمد، 45 ورهين جي سعيدن زال مرحوم غلام نبي، جوهر آباد جي رهواسي ڊاڪٽر علي خان چوهاڻ جا 2 ٻارڙا 6 ورهين جو ايان، 8 ورهين جي عاليه، آصف شيخ ۽ ۽ ٽنڊوآدم مان پنهنجي گهر نوابشاھه ويندڙ صغران زال منظور بهڻ فوتين ۾ شامل آھن. ٽرين حادثي ۾ ٽنڊي آدم جا 15 کان مٿي ماڻھو گم آھن. فوتين ۽ گم ٿيل ماڻھن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آھن، حادثي جو ٻڌي ڪيترائي ماڻهو ٽنڊي آدم مان سرهاڙي ۽ نوابشاهه روانا ٿي ويا. سرهاڙي وٽ ٽرين حادثي بعد ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس کي ٽنڊوآدم ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو. ميونسپل ڪميٽي، انجمن تاجران، الخدمت ڪميٽي، ملڪ ويلفيئر ايسوسيئيشن سميت مختلف سماجي تنظيمن پاران مسافرن لا جوس، ٿڌو پاڻي، کير ۽ ٻيون شيون فراهم ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button