پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ويجهو هزاره ايڪسپريس سان حادثو، 36 مسافر فوت، سئو زخمي

سرهاڙي/شھدادپور: ڪراچي کان لاهور ويندڙ هزاره ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، سرهاڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو حادثي جو آواز ايترو زوردار هو جو ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. حادثي ۾ 63 ماڻهو فوت ۽ سئو کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. امدادي ٽيمن جي دير سان پهچڻ تي فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو. وزيراعلى سنڌ 36 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ 11-اپ ھزاره ايڪسپريس ٽرين شھدادپور-سرهاڙي جي وچ ۾ 280/6 ڪلوميٽر جي پول لڳ حادثي جو شڪار ٿي ٽريڪ تان ھيٺ لهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ بوگيون ھڪٻئي مٿان چڙھي ويون، ٽرين لهڻ ۽ بوگين جي هڪٻئي مٿان چڙهڻ جي ڌماڪن جهڙي آوازن تي علائقي جا سوين ماڻهو حادثي واري هنڌ پهچي ويا، جن فوت ٿيل عورتن، معصوم ٻارن ۽ مردن جا لاش کڻي گڏهه گاڏن، چنگچين ۽ ٻين گاڏين ۾ اسپتال روانا ڪيا، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ زخمين کي پڻ ساڳين ئي سوارين ۾ سرهاڙي ۽ شهدادپور اسپتالن ۾ آندو ويو، جتي سهولتن جي کوٽ سبب زخمي ٿيل ماڻهو تڙپندا رهيا، جن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي بعد عورتن، ٻارن ۽ مردن جي جسمن جا ٽڪڙا ٽريڪ تي پيل مليا. شروعاتي طور انتظاميا پاران 36 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. اطلاع تي سرهاڙي پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، جڏهن ته علائقي واسين امدادي ڪارواين دوران 25 کان وڌيڪ لاش ٻاهر ڪڍيا، ڪيترائي مسافر ٽرين جي ملبي اندر دٻجي فوت ٿي وڃڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بي يارو مددگار تڙپي رهيا. ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد ريسڪيو ٽيمن، پوليس، رينجرز جي جوانن ۽ ٻين پهچي امداد سرگرميون شروع ڪيون ۽ انساني جسم جا ٽڪڙا هٿ ڪري پلاسٽڪ جي شاپر ۾ بند ڪيا. جڏهن ته حادثي واري ٽريڪ ھيٺان روھڙي ڪئنال مان نڪرندڙ بابو ڇن شاخ آھي، جنهن ۾ ڪجهه ٽڪرا ڪري پيا آهن. ڪيتريون لاشون ۽ زخمين جي جسم جا حصا ريسڪو ٽيمون جيڪي ڪئين ڪلاڪن بعد پهتيون تڏھن ھٿ ڪيا ويا جيڪي پلاسٽڪ جي ٻوري ۾ اسپتال پهچايا پيا وڃن، واقعي جي ڪافي دير بعد اعلى عملدار جاڳيا. هوڏانهن ابهم ٻار جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن کي ڊاڪٽر نعمت الله شر امانت طور رکيو. ٻئي طرف شھدادپور اسپتال ۾ چار زخمي آندا ويا، جن مان ٻن جو تعلق ٽنڊوآدم ٻن جو شھدادپور جي ڳوٺ طيب ٿهيم سان ھو. ھوڏانهن ريلوي اختياريون واقعي جو ڪارڻ ڄاڻي نه سگهيون. شروعاتي جاچ لا سکر کان ٽيم پهچي معائنو شروع ڪيو. حادثو منجهند جو هڪ لڳي 20 منٽن تي پيش آيو. ٻئي پاسي پوليس موجب نوابشاهه ريلوي انتطاميا کي اطلاع ڪيو ويو آهي پر انتظاميا طرفان اڃا تائين ڪابه ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ وقت سر پهچي نه سگهي، لاش ۽ زخمين کي نواشاهه ۽ ڀرپاسي جي اسپتالن ڏانهن نيو پيو وڃي. جڏهن ته ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري موڪل تي ويل ڊاڪٽرن کي پڻ هنگامي بنيادن تي گهرايو ويو. معلوم ٿيو آهي ته ٽرين حادثي ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ ئي خاندان جون 3 عورتون 60 ورهين جي رضيه زال عبدالرزاق خلجي، 55 ورهين جي شريفان زال فقير محمد، 45 ورهين جي سعيدان زال مرحوم غلام نبي، جوهر آباد جي رهواسي ڊاڪٽر علي خان چوهاڻ جا 2 ٻارڙا 6 ورهين جو ايان، 8 ورهين جي عاليه ۽ ٽنڊوآدم مان پنهنجي گهر نوابشاھه ويندڙ صغران زال منظور بهڻ فوتين ۾ شامل آھن. ٽرين حادثي ۾ ٽنڊي آدم جا 15 کان مٿي ماڻھو گم آھن. سانگهڙ جا رهواسي محمد عثمان، خير محمد ۽ شريف به فوت ٿي ويا. جهول جو رهواسي پورهيت مشاق رند به فوت ٿيو. جڏهن ته گهوٽڪي جي انورآباد پاڙي جو رهواسي امير چند اوڏ به پنهنجي زال سميت حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ميرپور ماٿيلو جي رهواسي نوجوان اشفاق حيدراڻي به دم ڏنو. ٻئي پاسي نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪرايل محرابپور جي نوجوان اصغر ڪمبوهه دم ڏئي ڇڏيو. حادثي ۾ 50 ورهين جو جيٺا رام ويٺل رحيم يار خان، پيرسن عورت فتح خان چنا ويٺل ٽنڊوآدم، پيرسن سائقه زال غلام نبي خلجي ويٺل ٽنڊوآدم، اشفاق ولد عبدالرشيد ويٺل گهوٽڪي، 5 ورهين جي مريم ولد نور محمد، ملتان واسي 25 ورهين جو عمر فاروق پُٽ عبدالفاروق، ڄام صاحب واسي خير محمد ولد جان محمد مري، سرهاڙي واسي حسنين علي ولد مراد علي خاصخيلي، 16 ورهين جي مسمات ايمن، شهزاد ولد فرزند قريشي ويٺل ٽنڊو آدم، مهراب پور واسي هاشم، 55 ورهين جي مسمات پٺاڻي زال محمد نواز ڀٽي ويٺل ملام مکڻ، اسٽيل ٽائون ڪراچي واسي عابد حسين ولد محمد نواز اعواڻ، ٽنڊو محمد خان واسي 55 ورهين جو محمد جاويد ولد محمد خان، محراب پور اصغر ڪمبوه ولد حق نواز، ميرپور خاص جي علائقي احمد پور واسي قاري عبدالغفار ولد الهه وسايو، ڪراچي واسڻ 80 ورهين جي نعمت بي بي زال عبدالحميد شيخ، حيدرآباد واسڻ 50 ورهين جي رخسانه زال مقصود مسيح، ملتان واسي 50 ورهين جو شعبان ولد محمد منظور، ٽنڊو محمد خان واسي 55 ورهين جو عبدالحميد ولد ولي محمد، اڪري چودگي 30 ورهين جو رضوان ولد شير محمد اعواڻ، سندس چئن ورهين جو پُٽ عبدالرحمان، نوابشاهه واسي 15 ورهين جو نوجوان بابو پُٽ وڪرم داس، خير پور واسي 26 ورهين جو ذاڪر حسين ولد مختيار حسين، پير ڳوٺ واسي هڪ ئي خاندان جا ٽي ڄڻا 50 ورهين جو غلام قادر ولد عزيز الله ابڙو، ٻه ڀائر 55 وهين جو اظهر علي ولد محمد ارباب ابڙو ۽ 35 ورهين جو جمال الدين ابڙو، خيرپور ميرس واسڻ 50 ورهين جي سورٺ زال دوست علي شر، ميرپور خاص واسڻ 50 ورهين جي ڀرائي زال شوڪت علي ڀٽي، نوابشاهه واسي 6 ورهين جو معصوم ٻار رضوان، نوابشاهه لڳ ڳوٺ ميان شورا واسڻ 60 ورهين جي ڪومل زال رام سميت ٻيا زخمي شامل آهن. اطلاع ملڻ تي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عباس بلوچ، ڊي سي شهريار گل ميمڻ، پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ميئر قاضي محمد رشيد ڀٽي، ضلعي وائيس چيئرمين عبدالرسول بروهي، عبدالفتاح جمالي، ڪمشنر ميونسپل نوابشاهه عبدالرزاق شيخ سميت مختلف سياسي سماجي مذهبي، قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ پي ايم يو اسپتال پهتا ۽ مريضن کي بهتر علاج ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button