جهڏو: جهڏو لڳ ڳوٺ سائينداد علياڻي جي رهواسي بيوهه پيرسن عورت مريم پنهنجي پٽ صابر علياڻي ۽ ڪٽنب سان گڏ احتجاج ڪيو. هن چيو ته پراڻ ندي جي گهارن سبب تازو آيل ٻوڏ ۾ اسان جو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو، صابر علياڻي جي پلاٽ ۾ کليل آسمان هيٺ جهوپڙي ۾ رهان پئي، سماجي تنظيم ريڊ فائونڊيشن منهنجي نالي پڪو گهر منظور ڪيو آهي، پر مقامي ماڻهن جي چرچ تي سماجي تنظيم جا عملدار منهنجو گهر پٽ جي پلاٽ تي ٺاهي ڏيڻ بدران ٻئي هنڌ تي ٺاهي ڏيڻ لاءِ ضد ڪري رهيا آهن، مون کي پٽ جي پلاٽ تي گهر تعمير ڪري ڏنو وڃي. عورت جي پٽ صابر علياڻي ٻڌايو ته سماجي تنظيم جا عملدار امان جو گهر ٻي هنڌ ٺاهڻ لاءِ ضد تي آهن. هنن ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي سي ميرپورخاص ۽ اي سي جهڏو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پلاٽ تي گهر تعمير ڪري مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close