اسلام آبادپاڪستان

لڳي ٿو ته ايندڙ 30 سال به ساڳي سياست رهندي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن، جنهن سان منهنجي ۽ مريم نواز جي سياست کي اڳتي وڌڻ ۾ آساني ٿئي. لڳي ٿو ته بزرگ اسان کي به اها ئي سياست ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪا هنن 30 سالن کان برداشت ڪئي آهي، لڳي ٿو ته ايندڙ 30 سال سياست ساڳي رهندي، ملڪ جو نوجوان ان روايتي سياست مان تنگ اچي چڪو آهي، نئين ميثاق جمهوريت کي نه سهي پراڻي ميثاق جمهوريت کي سڀني پارٽين ۽ ادارن کي تسليم ڪرڻو پوندو، ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي پر اسان ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهيون.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ايوان ۾ بدتميزي جي سياست نه ڪئي. اسان جڏهن مخالف ڌر ۾ هئاسين تڏهن به جمهوريت جي دائري ۾ رهي سياست ڪئي، اسان اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن سان نظام کي نقصان ٿئي. هن چيو ته اسان بي اعتمادي ذريعي مسلط ڪيل حڪومت کي گهر موڪليو ۽ اسان سمورن پارٽين اتحادي وزيراعظم جي چونڊ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اسان سڀني جو ارادو هو ته اڳ ۾ جيڪي غلطيون ٿيون، انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان سول ادارن، پارليامينٽ جو وقار بحال ڪرڻ، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي تاريخ فيصلو ڪندي ته اسان ان ۾ ڪامياب ٿياسين يا نه؟

هن چيو ته جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته اسان کي اهڙي اپوزيشن ملي جنهن کي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي ڪابه پرواهه نه هئي، انهي اپوزيشن ريڊ لائين ڪراس ڪئي، جنهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جناح هائوس ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، جڏهن ته هڪ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ٻئي وزيراعظم کي جلاوطن ڪيو ويو، تڏهن به اهڙي سياست نه ڪئي وئي پر بدقسمتيءَ سان مخالف ڌر ڪوبه سبق نه سکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جنهن رستي تي هلي رهيا آهيون، ان مان لڳي ٿو ته اسان جي بزرگن فيصلو ڪيو آهي ته اڳتي به اهڙي ئي سياست ٿيندي، جيڪا توهان 30 سالن کان برداشت ڪئي آهي، اسان جي ملڪ جو نوجوان هن روايتي سياست کان تنگ اچي چڪو آهي، لڳي ٿو ته ايندڙ 30 سال به ساڳي سياست ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button