پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

مٺي: مٺي جي پراڻي ميگهواڙ پاڙي ۾ نوجوان طوطو پٽ منگل ميگهواڙ گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس اطلاع تي پهچي لاش پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال منتقل ڪيو. وارثن موجب نوجوان جو ڪافي وقت کان دماغي توازن درست نه هو، جنهن ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آھي ته وارث واقعي کي خودڪشي قرار ڏين ٿا، ان باوجود واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آھيون. نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button