پاڪستانسنڌ

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي اسڪول ۾ زبردست تقريب،اسان کي آزادي جو قدر ڪرڻ گهرجي:پريم

حيدرآباد: حيدرآباد جي گورمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پر وقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هيڊ ماستر پريم، استادن عامر راهي، شمس العارفين، گڊو بهائي، سيد منور ۽ ڪيلاش سميت ٻين استادن ۽ سوين شاگردن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ قومي نغمن تي شاگردن رقص ڪندي ٽيبلوز پيش ڪيا. ان موقعي تي هيڊ ماستر پريم خطاب ڪندي چيو ته قاعداعظم سميت ٻين جي جدوجهد سبب اسان کي هڪ آزاد ملڪ مليو، هن ملڪ لا اسان جي وڏن قربانيون ڏنيون ۽ ملڪ جي حفاظت لا پاڪ فوج جي جوانن پڻ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، ان ڪري اسان کي آزادي جي قدر ڪرڻ گهرجي. بعد ۾ هيڊ ماستر پريم، شمس العارفين ۽ ڪيلاش جي اڳواڻي ۾ شاگردن ريلي ڪڍي آزادي جو جشن ملهايو. ٻئي پاسي ڊويزنل اسڪائوٽس ڪمشنر ۽ ڊائريڪٽر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ريجن عزيز الله اوڍو اسڪائوٽس هيڊڪوارٽر ۾ پرچم ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي گسٽا جو ڊويزنل صدر محمود چوهاڻ، عبدالقيوم شيخ، نعيم شيخ، ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس سيڪريٽري جميل شيخ، ڊويزنل آرگنائيزر حيدرآباد پروفيسر عبدالرحيم گدي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button