اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي نگران وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو آهي. صدر عارف علوي نگران ڪابينا جي 13 ميمبرن کي ايوان صدر ۾ هڪ تقريب دوران حلف کڻايو، تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ به شرڪت ڪئي. خابرو اداري موجب 18 رڪني نگران ڪابينا ۾ 7 خاص معاون شامل آهن. حلف کڻڻ وارن ۾ جليل عباس جيلاني، ڊاڪٽر عمر سيف، گوهر اعجاز، سرفراز بگٽي، مرتضيٰ سولنگي، شمشاد اختر، جمال شاهه، ڊاڪٽر نديم جان، محمد سميع، احمد عرفان اسلم، شاهد اشرف تارڙ حلف کنيو، جڏهن ته حلف کڻندڙن ۾ انيق احمد ۽ انور علي حيدر به شامل آهن. ميڊيا رپورٽن موجب جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي وزارت، ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.
سرفراز بگٽي کي گهرو وزارت، مرتضيٰ سولنگي کي اطلاعات واي وزارت ملي آهي. ان کانسوا ڊاڪٽر عمر سيف کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ انور علي حيدر کي دفاع، انيق احمد کي مذهبي معاملا، احمد عرفان اسلم کي قانون واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. تابش گوهر کي توانائي واري وزارت، اعجاز گوهر کي واپار واري وزارت ۽ مدد علي سنڌي کي تعليم واري وزارت جو قلمدان سونپيو ويو. ان کانسوا ڊاڪٽر نديم جان کي صحت، جمال شاهه کي ثقافت، شاهد اشرف تارڙ کي پوسٽل سروسز، مشال ملڪ کي انساني حق، احمد تارڙ کي مواصلات واري وزارت جو قلمدان سونپيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ ڪابينا ۾ وڌيڪ ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو.