اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن، جڏهن ته نئين آدمشماري تحت تڪبندين جو ڪم چئن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر سلطان سڪندر راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ عام چونڊن جي صورتحال ۽ نئين آدمشماري تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ تڪبندين جو ڪم چئن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي اڄ کان ڪم شروع ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندين جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ شيڊيول جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نون تڪبندين لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ شماريات جي ادارن کان مدد طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نئين تڪبندين بابت لاڳاپيل اختيارين کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب تڪبنديون 14 ڊسمبر تي مڪمل ٿينديون، جڏهن ته پراڻيون تڪبنديون به منجمد ڪيون ويون آهن. اعلان موجب سڄي ملڪ ۾ 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين تڪبنديون ڪرايون وينديون. آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين تڪبندين بابت تجويزون ڏنيون وينديون، 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن جي ڪوٽا رکي ويندي.
تڪبندين جا انتظامي معاملا 31 آگسٽ تائين مڪمل ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد سميت چئني صوبن جي تڪ بندين جون ڪميٽيون 21 آگسٽ تائين قائم ڪيون وينديون. پهرين کان 4 سيپٽمبر تائين تڪبندين جي ڪميٽين کي تربيت ڏني ويندي. اليڪشن ڪميشن 10 نومبر کان 9 ڊسمبر تائين تڪبندين تي اعتراضن تي فيصلو ٻڌائيندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 14 ڊسمبر تائين نئين تڪبندين کي حتمي شڪل ڏني ويندي. 14 ڊسمبر تائين تڪبنديون مڪمل ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو اعلان ڪندو. اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته ڊجيٽل آدمشماري جي حتمي پبليڪيشن ٿي چڪي آهي، اليڪشن ايڪٽ موجب اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندين جو پابند آهي. ايڪسپريس نيوز موجب عام چونڊون 25 فيبروري 2024 يا 3 مارچ 2024 تائين ٿي سگهن ٿيون، چئن مهينن ۾ تڪبنديون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جو شيڊيول فوري طور تي جاري ڪيو ويندو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ عام چونڊون جلد ڪرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايڪسپريس نيوز موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سان ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ٻنهي وچ ۾ ملاقات 2 ڪلاڪ جاري رهي، جنهن ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ ۽ ان ۾ رڪاوٽن، آدمشماري جي معاملن تي ڳالهايو. ذريعن موجب چيف جسٽس آئين جي شقن تي عملدرآمد تي زور ڏنو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن چيف جسٽس کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف 12 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪلي هئي، جنهن تي صدر 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي.