
راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جڙانوالا واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي. آءِ ايس پي آر جي سالياني انٽرن شپ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماج جي ڪنهن به طبقي طرفان اقليتن جي خلاف اهڙي قسم جي عدم برداشت ۽ انتهائي رويي جي ڪابه گنجائش ناهي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان جا سمورا شهري هڪٻئي لاءِ برابر آهن، بنا ڪنهن مذهب، جنس، ذات پات جي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير آءِ ايس پي آر انٽرشپ پروگرام جي حوالي سان ٻڌايو ته پروگرام ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين جي 370 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي. ان کانسوا آرمي چيف قومي ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار تي زور ڏنو. آرمي چيف ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني پکيڙڻ لاءِ عوام ۾ ڏڦيڙ، عدم برداشت، بي اعتمادي ۽ پرتشدد رويو پيدا ڪرڻ ۽ ان کي هوا ڏيڻ واري معاملي تي دشمن قوتن بابت به اجاگر ڪيو. هن چيو ته نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته هو سچ، اڌ سچ، ڪوڙ ۽ غلط انفارميشن ۾ فرق سمجهن.