پاڪستانسنڌ

ٻيراڻي لڳ ڦورن هٿان پورهيت قتل، لاش رکي ڌرڻا

ڄام نواز علي: ٻيراڻي لڳ ڦورن ڀاڄي وڪرو ڪندڙ پورهيت کي ڦر ڪوشش دوران چنگچي لوڊر نه بيهارڻ تي سڌي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. وارثن لاش کڻي ٿاڻي ۽ ٻيراڻي روڊ تي ڌرڻا هنيا. رپورٽ موجب ٻيراڻي ٿاڻي جي حد راجپوت رستي وٽ 3 هٿياربندن فجر مهل ڦر جي ارادي سان روڊ تي رڪاوٽون وجهي تاڙ ۾ بيٺل هئا ته چنگچي لوڊر نئون آباد کان ٽنڊوآدم ڀاڄي وٺڻ لا ويندڙ 35 سالن جي اختر عرف ڍولو مهر کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، نه بيهڻ تي ڦورن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ گوليون لڳڻ سبب اختر مهر چنگچي لوڊر تان هيٺ ڪري پيو ۽ موقعي تي دم ڏنو، جڏهن ته چنگچي لوڊر هيٺ کامن ۾ وڃي ڪري پيو. اطلاع ملڻ تي ٻيراڻي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي ٽنڊوآدم اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ٻيراڻي لڳ ڄام برانچ موري ۽ ٻيراڻي ٿاڻي آڏو مختلف وقتن تي لاش رکي ڌرڻا هنيا، جنهن سبب ٽنڊوآدم-ٻيراڻي روڊ 3 ڪلاڪ بند ٿي ويو. ان موقعي تي محمد بخش، غفور مهر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته نوجوان نئون آباد ۾ ڀاڄي وڪرو ڪري گذر سفر ڪندو هو، اڄ معمول موجب ٽنڊي آدم جي سبزي منڊي مان ڀاڄي خريد ڪرڻ لا وڃي رهيو هو ته ڦورن کيس ڦرڻ لا بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي اختر مهر کي ظالمن گوليون هڻي قتل ڪيو. هنن چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، ماڻهو محفوظ نه آهن، ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي، اسان سان ظلم ٿيو آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي ايم پي اي ڄام شبير علي مداخلت ڪري وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪريون پيا، وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button