پاڪستانسنڌ

دادو ۾ 2 هفتن دوران مليريا جا 1473 ڪيس رپورٽ، بچا واريون دوائون اڻلڀ

دادو: دادو ضلعي ۾ ٻن ھفتن دوران مليريا جا 1473 ڪيس رپورٽ، مليريا کان بچا واريون دوائون ٻيهر اڻلڀ ٿيڻ سبب مريضن جو زندگيون دا تي لڳي ويون آهن. متاثر مريضن دانش علي، اياز، وقار ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته مليريا کان بچا وارو ڊوز نجي لبارٽرين ۽ اسٽورن تي 600 کان 800 روپيا في ڊوز وڪرو ڪيو پيو وڃي، مليريا انچارج سرڪاري دوائون وڪرو ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آهن. هنن چيو ته مليريا جي تصديق ٿي آھي روز ڳرا ڪرايا ادا ڪري ڊوز حاصل ڪرڻ لا اچون ٿا پر مليريا کان بچا جو ڊوز فراھم نه ٿو ڪيو وڃي. مظاهرين سنڌ سرڪار سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دوائون وڪرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري جلد مريضن کي دوائون فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button