ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته سامونڊي پٽي جي ترقي تفريح سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪري سگهي ٿي. گورنر هائوس مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن پارڪ ويو بيچ ريزورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، ويزن گروپ جو چيئرمين عبدالعليم خان سميت ناليواريون شخصيتون موجود هيون، سنڌ جي گورنر چيو ته پنهنجي نوعيت جو هي پهريون منصوبو پارڪ ويو بيچ ريزورٽ فخر جوڳو منصوبو آهي، هن منصوبي جي شروعات تي عبدالعليم خان مبارڪن جو حقدار آهي.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سامونڊي پٽين کي تفريح مقصد ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، اسان جي سامونڊي پٽي هزار ڪلوميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي جنهن کي ڊولپ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ترقي عوام لاءِ تفريح سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا پيدا ڪندي. ڪامران ٽيسوري چيو ته سرندي وارا خاص ڪري سمنڊ پار پاڪستانين جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري سان اسان کي آءِ ايم ايف کان نجات ملي سگهي ٿي، پارڪ ويو بيچ ريزورٽ سيڙپڪارن کي شاندار موقعا فراهم ڪندو.