دادو: عورتاڻي آواز تي هرکجي دادو واسي هڪ ٻيو نوجوان ڌاڙيلن هٿان اغوا، وارثن کان 40 لک روپيا ڀنگ طلب، خبر موجب دادو لڳ ڳوٺ مريد ٻٻر جو رهواسي پورهيت نوجوان حنيف پٽ مولا بخش ٻٻر عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آهي. نوجوان جي ما حميدان ٻٻر، پي مولا بخش ٻٻر، چاچي حبدار ٻٻر، ڀا شريف ٻٻر ۽ ٻين دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته 9 آگسٽ تي اسان جو نوجوان اهو ٻڌائي گهران نڪتو ته سکر ۾ مڇي جي تلاءُ تي مزدوري ملي آهي، اوڏانهن وڃان ٿو.
هنن چيو ته گذريل ڏينهن نوجوان جي نمبر تان ڌاڙيلن فون ڪري 40 لک رويپا ڀنگ طلب ڪيو آهي. هنن چيو ته مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون، 40 لک ڪٿان آڻيون. هنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي. ياد رهي ته دادو ڀرسان ڳوٺ ٻڍو پنهور جو رهواسي 14 ورهين جو نينگر ڪاشف پنهور به ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو هو، نينگر جي وارثن کان 40 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو هو پر ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود نينگر بازياب نه ٿي سگهيو آهي.