پاڪستانسنڌ

آ جي سنڌ تبديل، رفعت مختار جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ جي چيف سيڪريٽري کانپوءِ آءِ جي پوليس کي به تبديل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي هٽائي وفاقي حڪومت پوليس سروس آف پاڪستان جي 21 هين گريڊ جي آفيسر رفعت مختار کي انسپيڪٽر جنرل سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پراونشل پوليس آفيسر مقرر ڪيل رفعت مختار پنجاب ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، جنهن جي سنڌ پوليس ۾ بدلي ڪئي وئي آهي. آءِ جي پوليس جي عهدي تي خدمتون ڏيندڙ غلام نبي ميمڻ موڪلن تي عمري جي ادائيگي لاءِ ويل آهي. غلام نبي ميمڻ کي نوان حڪم ملڻ تائين اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button