اسلام آبادپاڪستان

جڙانوالا واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي:انٽرنيشنل انٽرفيٿ هارمني ڪائونسل

اسلام آباد: پاڪستان جي مسلم ۽ مسيحي اڳواڻن رياست پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته جڙانوالا ۾ ٿيل واقعن جي غيرجانبداراڻي جاچ فوري ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن کي جلد کان جلد سزا ڏني وڃي. اڳواڻن نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي جڙانوالا دوري ۽ آرمي چيف عاصم منير جي بيانن جي آجيان ڪندي واضح ڪيو ته ان سان قوم ۾ اميد پيدا ٿي ته ملڪ جي اندر دهشت ۽ وحشت پکيڙيندڙ جٿن ۽ ماڻهن جو خاتمو ٿيندو ۽ جڙانوالا جي متاثرن کي انصاف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل انٽرفيٿ هارمني ڪائونسل جي صدر ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي، چرچ آف پاڪستان جي صدر بشپ آزاد مارشل، ڪيٿولڪ چرچ جي آرچ بشپ سبيسٽن فرانس شا جڙانوالا جي دوري دوران گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گذريل ڏينهن انٽرنيشنل انٽرفيٿ هارمني ڪائونسل، پاڪستان علماءُ ڪائونسل، چرچز آف پاڪستان ۽ ڪيٿولڪ چرچ آف پاڪستان جي مسلم مسيحي اڳواڻن تي ٻڌل اعليٰ سطحي 50 رڪني وفد جڙانوالا جو دورو ڪيو ۽ ساڙيل چرچز ۽ مسيحي گهرن جو جائزو ورتو. پناهگير ڪيمپن ۾ رهندڙ مسيحي متاثرن سان ملاقاتون ڪيون، مسيحي عورتن جي مٿي تي چادر وڌي ۽ متاثرن جي فوري بحالي لاءِ مقامي انتظاميه کي هدايتون ڏنيون. وفد ۾ بشپ آف فيصل آباد عليم انور، بشپ آف سيالڪوٽ ايلون سيموئيل، مولانا محمد شفيع قاسمي، مولانا اسد الله فاروق، مولانا قاري مبشر رحيمي ۽ فاردز، پادري ۽ عالم سڳورن جو وڏو انگ موجود هو. ان کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي بشپ، عالم سڳورن، وڪيلن ۽ صحافين تي ٻڌل 20 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو جيڪو جڙانوالا سانحي جهڙن واقعن جا سبب ڳوليندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون جوڙيندي. حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جيترو مسلمانن جو آهي ايترو ئي غير مسلمانن جو پڻ آهي جنهن جو آئين سمورن شهرين کي برابري جا حق ڏي ٿو. هن چيو ته وحشت ۽ دهشت خلاف اسان سڀ هڪ آهيون جن ماڻهن چرچز، مسيحن جي گهرن کي ساڙيو انهن اسان کي شرمندو ڪيو آهي. اسان جو مطالبو آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن جٿي کي امن سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. جڙانوالا سانحي جي مذمت ڪئي وئي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان ان سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جڙانوالا ۾ متاثرن جي گهرن ۽ چرچز جي فوري بحالي جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button