پاڪستانسنڌ

سنڌ جي 10 رڪني نگران ڪابينا قسم کڻي ورتو

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي سفارش تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس ۾ سادگي سان رٿيل تقريب ۾ 10 رڪني نگران ڪابينا کان حلف کڻائي ورتو. حلف کڻندڙ نگران وزيرن ۾ برگيڊيئر (ر) حارث نواز، محمد يونس ڍاگا، مبين جماڻي، ڊاڪٽر سعد خالد نياز، ڊاڪٽر جنيد شاهه، مسز رعنا حسين، ايشور لعل، ارشد ولي محمد، عمر سومرو ۽ خدا بخش مري شامل آهن. حلف برداري تقريب ۾ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر به شرڪت ڪئي. تقريب جي صدارت چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ڪئي، جنهن ۾ وقتي آءِ جي پوليس عمران يعقوب منهاس، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، صوبائي سيڪريٽريز، اڳوڻو آءِ ٽي وزير تيمور ٽالپر، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ نگران وزيرن جي فيملي ميمبرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ نگران وڏي وزير نگران ڪابينا کي حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني.

چيف سيڪريٽري سنڌ نگران ڪابينا جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب ايشور لعل آبپاشي کاتي، برگيڊيئر (ر) حارث نواز گهرو ۽ جيل کاتي، مبين جماڻي بلديات ۽ ٽائون پلاننگ کاتي، يونس ڍاگا ناڻي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ اينڊ روينيو کاتي، ڊاڪٽر سعد خالد نياز صحت ۽ بهبودي آبادي کاتي، خدا بخش مري مائنز ۽ منرل کاتي، جڏهن ته بئريسٽر عمر سومرو قانون، مذهبي معاملن ۽ انساني حقن جو نگران وزير هوندو. اهڙي طرح ڊاڪٽر رعنا حسين تعليم ۽ وومين ڊولپمينٽ جي وزير هوندي، ڊاڪٽر جنيد علي شاهه راندين ۽ ثقافت جو نگران وزير هوندو،

جڏهن ته ارشد ولي محمد کي سياحت ۽ ماحوليات جو قلمدان ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ذريعن موجب ايشور لال آبپاشي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي، برگيڊيئر (ر) حارث نواز گهرو ۽ اطلاعات کاتي ۽ مبين جماڻي کي لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ جو نگران وزير ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس ڍاگا ليبر اينڊ انڊسٽريز کاتي جو نگران وزير هوندو، ڊاڪٽر سعد نياز صحت کاتي، خدا بخش مري انرجي ڊپارٽمينٽ ۽ مائنز اينڊ منرل، بئريسٽر عمر سومرو قانون ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي ۽ ڊاڪٽر رعنا حسين تعليم کاتي جو نگران وزير هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button