اسلام آبادپاڪستان

شاهه محمود قريشي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار،ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر منتقل

اسلام آباد :وفاقي جاچ واري اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب گمشدگي واري ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کي گرفتار ڪري ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي عملدارن ۽ ترجمان اڃا تائين شاهه محمود قريشي جي گرفتاري ۽ هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪرڻ جي تصديق نه ڪئي آهي. ان کان اڳ تحريڪ انصاف شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو هو ته پوليس جي وڏي نفري کيس سندس گهر مان حراست ۾ ورتو آهي. شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي پارٽي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پي ڊي ايم جي فاشسٽ حڪومت کانپوءِ لاقانونيت جو راڄ ختم ٿيڻ جي اميد هئي پر لڳي ٿو نگران حڪومت پنهنجي اڳوڻي فاشسٽ حڪومت جا رڪارڊ ٽوڙڻ چاهي ٿي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانپو ڪجهه دير ۾ ئي شاهه محمود قريشي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ هن 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي کي ايف آءِ اي نه پر وفاقي پوليس گرفتار ڪيو آهي. واضح رهي ته ايف آءِ اي ۾ سائفر ۽ آڊيو ليڪ تي انڪوائري جاري آهي جنهن ۾ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻه ڀيرا پيش ٿيو هو. گذريل هفتي ايف آءِ اي پاران پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جون خبرون به منظرعام تي آيون هيون. واضح رهي ته ايف آءِ اي اسلام آباد زون جي ڊائريڪٽر رانا جبار جي سربراهي ۾ گڏيل جاچ ٽيم سائفر ۽ آڊيو ليڪ واري معاملي جي جاچ جاري رکي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جي تازي گرفتاري ان ئي ڪيس ۾ ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button