پاڪستانسنڌ

مورو ڀرسان درس شاخ کي 10 فوٽ گھارو، 40 ايڪڙ جو فصل پاڻي هيٺ

مورو:ورو جي درس شاخ کي پڇڙي کان اوچتو 10 فوٽ گھارو پئجي ويو، گهاري سبب 40 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. ان ڏس ۾ آبادگارن محمد خان ابڙو، لقمان ابڙو ۽ ٻين مورو جي صحافين کي ٻڌايو ته درس شاخ کي گھارو پوڻ سبب اسان جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي. اسان مھانگي اگهھ تي ٻج ۽ ڪلر وٺي ڪڻڪ ۽ گاھه جي پوکي ڪئي هئي. ھن مھل تائين اريگيشن جا عملدار لڙي نه آيا آھن، اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت مشڪل سان گھارو ٻڌو آھي. آبادگارن وڌيڪ چيو ته اريگيشن جي عملدارن مٽي وڪرو ڪري ڇڏي آھي، جنھن ڪري شاخ جا ڪپر تمام ڪمزور ٿي ويا آھن. هنن صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته ٿيل نقصان جو معاوضو ڀري ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button