پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو جي شهيد اهلڪار جي وارثن کي 2 نوڪريون ۽ هڪ ڪروڙ ڏيڻ جو اعلان

اوٻاوڙو:اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد نور شاھه واري علائقي ۾ گذريل رات پڪٽ نمبر 15 سي پيڪ وٽ هٿياربندن جي حملي ۾ شهيد ٿيل نوجوان پوليس اهلڪار امانت علي ڌاريجو جي جنازي نماز ڳوٺ خميسو چاچڙ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر، ڊي ايس پي اوٻاوڙو، ايس ايڇ او اوٻاوڙو ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد پوليس اهلڪارن پاران شھيد پوليس اهلڪار کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين اڄ ھڪ بهادر پوليس اهلڪار کان محروم ٿيا آھيون ۽ شهيد اھڪار جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون. هٿياربندن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ھوڏانھن ايس ايس پي نوجوان پوليس اھلڪار جي وارثن کي ٻه نوڪريون، هڪ ڪروڙ روپيا روڪ ڏيڻ ۽ بيواهه کي 60 سالن تائين مڪمل پگهار ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button