خيرپور: راڻيپور ۾ بااثر پير جي گهر ۾ تشدد سبب فوت ٿيل فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. جوابدار اسد شاهه جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد راڻيپور پوليس کيس جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. فاطمه قتل ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اسد شاهه وٽان هٿ آيل موبائل فونن ۾ سيڪيورٽي ڪوڊ لڳل آهي، اسد شاهه موبائل فونن جا سيڪيورٽي ڪوڊ ٻڌڻ لا تيار ناهي، جنهن ڪري ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي آهي، ڊي اين اي رپورٽ به اسان کي اڃا تائين نه ملي آهي. جج جوابدار سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان بي قصور آهيو ته پوليس کي موبائل ڪوڊ ٻڌائي ڇڏيو. ٻئي طرف فاطمه جي وڪيل ايڊووڪيٽ نثار احمد ڀنڀرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پوليس سان سهڪار نه ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ فاطمه جي قتل خلاف درخواست ڏني وئي آهي. ظاهر آهي ته ڇوڪري جي موت طبي طور ناهي ٿي، ان سان زيادتي ڪئي وئي آهي، سوال اهو آهي ته ان سان جنسي زيادتي ڪنهن ڪئي ۽ ڪنهن قتل ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close