رانديون

ڀارت نيوزيلينڊ کي ٽيسٽ کٽڻ لا 280 جو هدف ڏئي ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي جي لا نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 280 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت ٻي اننگ ۾ 7 وڪيٽون وڃائي 234 رنسون ٺاهيون ۽ اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي، سندس بيٽرن مان شرياس ليئر 65، ورڌيمان ساها 61، اڪشر پٽيل 28 رنسن سان نمايان رهيا آهن. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي ٽيم 280 رنسن جي هدف پويان کيڏندي رڳو چئن رنسن تي پنهنجي اهم وڪيٽ وڃائي ڇڏي آهي. بيٽر ول ينگ 2 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button