رانديون

پاڪستان 286 رنسن تي آئوٽ، تيجل اسلام 7 وڪيٽون وٺي ويو، بنگلاديش جا 39 تي 4 آئوٽ

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ پهرين اننگ ۾ 286 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ بنگلاديش جي بالر تيجل اسلام 7 وڪيٽون وٺي بيٽنگ لائين تباهه ڪري ڇڏي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي اوپنرن جي شاندار راند سبب پاڪستان ٽئين ڏهاڙي 145 رنسن تان راند شروع ڪئي تھ بيٽر هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيندا ويا، رڳو عابد علي سنچري ٺاهي 133 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ ڊيبو ڪندڙ عبداللھ شفيق 52 رنسن کان اڳتي وڌي نھ سگهيو. اهڙي ريت فهيم اشرف 38، شاهين آفريدي 13، حسن علي 12 رنسون ٺاهي سگهيا. جڏهن تھ ڪپتان بابراعظم 10، نعمان علي، فواد عالم 8، 8، ساجد خان، محمد رضوان 5، 5 ۽ اظهر علي ٻڙي تي آئوٽ ٿي ٿي پويلين واپس ٿي ويا. بنگلاديش جي تيجل اسلام اننگ جو خطرناڪ بالر بڻجي وڪيٽون وٺندو ويو ۽ ڪوبھ بيٽر کيس کلي کيڏي نھ سگهيو، عبادت حسين بھ 2 آئوٽ ڪيا. بنگلاديش جي ٽيم بھ ٻي اننگ ۾ 39 رنسن تي 4 وڪيٽون وڃائي ڏکيائين جو شڪار آهي. نجم الحسين شنٽو ۽ مومن الحق ٻڙي تي ويا، شادمان هڪ رنس ٺاهي ۽ سيف حسن 38 تي آئوٽ ٿي ويو. پچ تي مشفيق الرحيم 12 ۽ ياسر علي 8 رنسن سان موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button