پاڪستانسنڌ

جهڏو تعلقي ۾ اٽو مهانگو، غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لا پريشان

نفيس نگر: نفيس نگر ۾ سنڌ سرڪار جو مقرر ڪيل اگهه 55 رپيا في ڪلو تي چڪي مالڪن عمل نه ڪيو. سنڌ سرڪار پاران نئون ريٽ ڪڻڪ جو مارڪيٽ ۾ 2200 رپيا مڻ خريد ڪري اٽو 2700 رپيا في مڻ وڪرو ڪيو پيو وڃي. زميندرن کان ڪڻڪ جي خريداري 2000 هزار في مڻ ڪئي وئي، هاڻي سنڌ سرڪار ريٽ وڌائي واپارين ۽ چڪي مالڪن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب سموري سنڌ جيان ميرپورخاص ضلعي ۾ اٽي جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي، جنهن ڪري پورهيت هاري توڙي مزدور بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ مطابق نئون ڪوٽ، جهڏو، فضل ڀنڀرو، گل موري، نفيس نگر ۽ ٻين لاڳاپيل شهرن ۾ 2400 رپيا في مڻ وڪرو ٿيندڙ اٽو هڪدم مهانگو ٿي 2700 کان 2750 تائين پهچي ويو آهي. تعلقي جهڏو ۾ فلوز ملز مالڪن جي هڪ هٽي برقرار رهڻ سبب ٻاجهر ۽ چانورن جو اٽو پڻ مهانگو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، اٽي جي وڌندڙ اگهه خلاف پورهيتن توڙي مزدورن پاران احتجاج ڪرڻ ۽ معاملي جون ميڊيا تي خبرون اچڻ باوجود ضلعي انتظاميه اڃان تائين ڪو به رد عمل ظاهر نه ڪيو آهي تنهن ڪري اڪثر هنڌن تي مزدور طبقو ٻن ويلن جي ماني ٽڪر لاءِ سخت پريشان آهي. ان حوالي سان سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ محب ڀيل، پورهيت کيمون ڀيل، ڪريم گشڪوري ۽ ٻين ٻڌايو ته اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري اسان غريبن کي بک ماريو پيو وڃي. هنن سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته اٽي تي سبسڊي ڏئي 30 رپيا في ڪلو ڪري بک مرڻ کان بچايو وڃي. ٻئي طرف فلور ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته سرڪاري گدامن تان ڪڻڪ نٿي ملي، اسان بليڪ تي مارڪيٽ مان 2400 سئو رپيا مڻ مهانگي ريٽ جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون، تنهن ڪري اٽو مهانگو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button