پاڪستانسنڌ

سکر ۾ صحافي جي ڀيڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

سکر:اپريل 2016ع ۾ سکر مان اغوا بعد شاهه ٻيلي ۾ قتل ڪري لاش گم ڪيل صحافي جي ايم حيدري جي نوجوان ڀيڻ عائشا جتوئي جو خون لوڙهڻ خلاف ڪالهه سکر ۾ صحافي مشتاق سرڪي، مقتولا جي ڀاءُ جي ايم حيدري، انسان نيٽ ورڪ جي چيئرپرسن زبيدا ڪنول، سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو، جسقم اڳواڻ غلام نبي گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سول سوسائٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، شامل ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر هئا، جن تي مقتولا عائشا جتوئي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ اندر سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي صحافي مشتاق سرڪي چيو ته عائشا جتوئي اسان جي ڀيڻ آهي، ان جي قاتلن جي گرفتاري تائين خاموش نه ويهنداسين. شڪارپور جا بااثر ابراهيم جتوئي ۽ عابد جتوئي وضاحتون ڏيڻ ۽ مقتولا جي ڀائرن کي ڌمڪائڻ بدران عائشا کي پنهنجي نياڻي سمجهي قتل جي جاچ ۽ قاتلن جي گرفتاري ۾ مدد ڪن. هن چيو ته اسان اميد ٿا ڪيون ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون ڪنهن به ڪنهن قسم جي دٻاءُ کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀوتارن پاران عائشا جتوئي قتل ڪيس جي نئين سِر ٿيندڙ جاچ ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي يا ڌمڪائڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته اسان ڪراچي ۾ وڏو ڌرڻو هڻنداسين. صحافي جي ايم حيدري چيو ته 6 سالن کان مظلوم ڀيڻ جي ناحق خون خلاف سراپا احتجاج آهيون پر انصاف جا ادارا خاموش آهن. هن الزام هنيو ته ابراهيم جتوئي ۽ عابد جتوئي پاران پنهنجي ماڻهن ذريعي ڀيڻ جي خون واري معاملي تي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. زبيدا ڪنول ۽ ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو چيو ته نياڻي عائشا کي قتل ڪري سندس لاش گم ڪرڻ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، قتل ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. ريلي کي غلام نبي گهانگهرو، وحيد هاليجوي، حق نواز جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button