پاڪستانسنڌ

شھيد بينظير آباد ۾ مڊ وائيف اميدوارن جو آرڊر نه ملڻ خلاف مظاهرو

نوابشاهھ: ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ مڊ وائيف جي نوڪري لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ارشاد بيگم، شاھدہ، عابدہ، غلام فاطمه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر کڻي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانھيو آھي ته ھڪ سال اڳ اسان مڊ وائيف جي نوڪري لاءِ ٽيسٽ پاس ڪيو ھو ۽ ڊي ايڇ او آفيس وارن اسان کي چيو ته ھڪ مھيني اندر توھان کي آفر آرڊر ڏنا ويندا پر ھڪ سال گذرڻ باوجود آفر آرڊر نه ڏنا ويا آھن. ھنن چيو ته اسان ڊي ايڇ او آفيس نوابشاهه جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون. ھنن صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو، سيڪريٽري ھيلٿ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي آفر آرڊر ڏئي روزگار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button