رانديون

ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ بنا نتيجي ختم

ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ بنا نتيجي جي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪانپور جي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن تي نيوزيلينڊ جي ٽيم 284 رنسن جي هدف آڏو کيڏندي راند ختم ٿيڻ تائين 165 رنسون ٺاهي سگهي هئي. جڏهن تھ سندس 9 بيٽر آئوٽ ٿيا هئا. نيوزيلينڊ 9 وڪيٽون وڃائڻ بعد راچن رويندر 18 رنسن ۽ اعجاز پٽيل 2 رنسن سان پچ تي بيهي ويا ۽ وقت ختم ٿي ويو. هوڏانهن ڀارت جي شرياس ليئر ڊيبو ٽيسٽ ۾ 105 ۽ 62 رنسن سان پليئر آف دي ميچ جو اعزاز حاصل ماڻي ورتو آهي. ٻي اننگ ۾ رويندر جديجا 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button