رانديون

پاڪستاني اوپنرن جي 109 رنسن جي پارٽنر شپ، فتح يقيني بڻجي وئي

پاڪستان جي اوپنرن چٽاگانگ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن شاندار راند کيڏيندي 109 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ورتي آهي ۽ ان سان انهن بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 157 اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي آهي. بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگ ۾ پاڪستاني بالرن جي حملن جي سٽ نھ سهي سگهي ۽ شاهين آفريدي 5 وڪيٽون وٺي تباهي آندي. بنگلاديش 39 رنسون 4 رانديگرن جي آئوٽ سان اننگ شروع ڪئي تھ، لٽن داس 59، مشفيق 16، مهدي حسن 11، نورالحسن 15 اسڪور ڪيو، تيجل اسلام، ابو جاويد ٻڙي تي ويا، عبادت حسين ڪو اسڪور نھ ڪيو. جڏهن تھ شاهين آفريدي جو بال لڳڻ سبب ياسر علي 36 تي هرٽ رٽائرڊ ٿي ويو. پاڪستان 202 رنسن جي هدف پويان کيڏندي بنا نقصان جي 109 رنسون ٺاهي ورتيون، ميچ کٽڻ لا باقي 93 رنسن جي ضرورت آهي. جڏهن تھ عابد علي 56 ۽ عبداللھ شفيق 52 رنسن سان پچ تي موجود آهن. ان کان اڳ بالرن مان ساجد خان 3 ۽ فهيم اشرف 2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button