رانديون

“اومي ڪرون” جو خطرو، پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم ڏيهه واپسي تي ڪورنٽائين

ڪراچي: پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪرونا جي نئين قسم “اومي ڪرون” جي خطري کي نظر ۾ رکندي ٽن ڏينهن لاءِ قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي. پاڪستان وومين ٽيم ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ شرڪت لاءِ زمبابوي وئي هئي. جيڪا اومي ڪرائون وائرس جي خطري سبب ڪواليفائر ختم ٿيڻ کانپوءِ گهر واپس موٽي آئي آهي.

وومين ڪرڪيٽر زمبابوي کان عمان پهتيون جتان وطن پهچي ويون آهن ۽ انهن کي ٽن ڏينهن لاءِ قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وومين ٽيم ڪالهه صبح نميبيا کان ٿيندي پاڪستان پهتي آهي، جنهن کانپوءِ رانديگرياڻين سميت 27 ڄڻن کي مقامي هوٽل ۾ قرنطينه ڪيو ويو آهي، جتي کين 3 ڏينهن گذارڻا پوندا.

ذريعن موجب ٽيم جي سمورن ميمبرن جي پي سي آر ۽ ٻين ٽيسٽن کانپوءِ کين گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هينئر تائين ڪنهن به رانديگرياڻي يا اسٽاف ۾ وائرس جي ڪا به علامت ظاهر ناهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button