رانديون

ويسٽ انڊيز جي پاڪستاني دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار، حساس هنڌن تي اسپيشل سنائپرز مقرر ٿيندا

ڪراچي: ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي-ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 13 ڊسمبر کان شروع ٿيندي ۽ سموريون ميچون ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.

پوليس اختيارين موجب دوري جو سيڪيورٽي پلان ايس ايس يو هيڊڪوارٽر ۾ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن مقصود احمد جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تيار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پوليس ۽ رينجرز سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي مقصود احمد چيو ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ميچن دوران 800 ايس ايس يو ڪمانڊوز سميت 1500 کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي تي موجود هوندا.

حساس هنڌن تي اسپيشل سنائپرز کي به مقرر ڪيو ويندو ۽ اسٽيڊيم جي چوڌاري نگراني لاءِ اسپيشل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول بسون موجود هونديون. مقصود احمد موجب تماشائين لاءِ پارڪنگ پوائنٽس کان نيشنل اسٽيڊيم تائين شٽل بس سروس هلائي ويندي. ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا ايس ايس يو هيڊڪوارٽرز ۾ ٽيمون الرٽ رهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button