اسلام آبادپاڪستان

16 هزار کان وڌيڪ برطرف سرڪاري ملازم بحال ڪرڻ جي اپيل رد

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ 16 هزار کان وڌيڪ برطرف سرڪاري ملازمن کي منع نامي جي حڪم تي بحال ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ 16 هزار برطرف سرڪاري ملازمن جي بحالي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، عدالت برطرف ملازمن کي منع نامي تي بحال ڪرڻ ۽ فيصلي تائين ميڊيڪل الائونس ڏيڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪوشش ڪنداسين روز شنوائي ڪري ايندڙ هفتي مختصر فيصلو ٻڌايون. جڏهن ته جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته حڪومت پاڻ ملازمن جي بحالي لاءِ عدالت آئي آهي. جيڪڏهن ملازمن کي غلط ڪڍيو ويو آهي ته حڪومت بحال ڪري. ڪجهه ادارن ملازمن جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ تي کين ڪڍيو، ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ جو مطلب آهي ته ملازم ان لائق نه هئا، ڇا اهڙن ملازمن کي قانون ٺاهي زبردستي بحال ڪري سگهجي ٿو؟ هن چيو ته اهڙن ملازمن کي به بحال ڪيو ويو، جن جون اپيلون سپريم ڪورٽ مان رد ٿي چڪيون هيون. عدالت بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ۽ آئين سان تڪرار تي قانون ڪالعدم قرار ڏنو، جن جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿي ويو هو، انهن کي 12 سالن کانپوءِ ڪيئن بحال ڪيو ويو؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته 12 سالن کانپوءِ برطرف ملازمن جي بحالي نون اميدوارن جو حق کسڻ آهي. ملازمت لاءِ اپلاءِ ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي. 5 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سومر کان روز جي بنيادن تي شنوائي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button