اسلام آبادپاڪستان

50 سال کان وڏي عمر وارن شهرين لاءِ بوسٽر ڊوز لڳائڻ جي منظوري

اسلام آباد :اين سي او سي هيلٿ ڪيئر ورڪرز 50 سالن کان وڏي عمر وارن شهرين لاءِ بوسٽر ڊوز لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. لازمي ويڪسينيشن جي حوالي سان صوبن کي زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزيرن، صحت ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪرونا جي هاڪاري ڪيسز، فوتگين جو انگ ۽ نئين داخل ٿيندڙ مريضن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. اين سي او سي سمورن صوبن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ويڪسينيشن جي حوالي سان زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته هينئر تائين ٻيو ڊوز نه لڳرائيندڙ ماڻهن لاءِ ڪال سينٽرز تيار ڪيا ويا آهن. سموري ملڪ ۾ ٻيو ڊوز يقيني بنائڻ جي لاءِ 40 ڪال سينٽر تيار ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ هيلٿ ڪيئر ورڪرز 50 سالن کان وڌيڪ شهرين ۽ گهٽ طاقت وارن جي لاءِ بوسٽر ڊوز جي منظوري ڏني وئي. مفت بوسٽر آخري خوراڪ جي 6 مهينن کان پوءِ لڳائي ويندي. اين سي او سي ان حوالي سان وڌيڪ چيو آهي ته اجلاس ۾ سموري دنيا ۾ پکڙجندڙ اميڪرون ويرينيٽ جي باري ۾ پاڪستان ۾ نظر رکي پئي وڃي. نئين ويرٽنٽ کان بچڻ جو حل ويڪسينيشن ئي آهي. ماسڪ پائڻ، سماجي وٿي ۽ هٿ ڌوئڻ جي ايس او پيز تي لازمي عمل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button