اسلام آبادپاڪستان

يوٽيلٽي اسٽورز ختم ڪرڻ جي تجويز/غيرمعياري گيهه وڪرو ٿئي پيو:پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي

اسلام آباد:پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس راڻا تنوير جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي غير معياري شيون وڪرو نه ڪرڻ جي رپورٽ ڏئي غير معياري شيون وڪرو ڪيون ويون. جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين راڻا تنوير چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي.ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي دنيا جو سڀ کان غير معياري گيهه وڪرو ٿي رهيو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز شين جي خريد ۽ وڪري ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. ڪرونا فنڊز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز کي 50 ارب مان 10 ارب جاري ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري اهڙو نااهل ماڻهو آهي جو کيس ڪجهه به خبر ناهي. خواجا آصف چيو ته غير معياري شين جي وڪرو جو ڪم سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار جي نگراني ۾ ٿي رهيو آهي. ملڪ جي ناڪامي جو سبب بيورو ڪريسي آهي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي ڪرپشن جا پئسا ملندا آهن. نيب مون کان منهنجي گهر واري ۽ ٻارن جي ٻاهر جي دوري جو به حساب گهريو. ايف آءِ اي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي جاچ اڃان تائين ساڳئي پوزيشن ۾ پيل آهي. ڪميٽي ميمبر نور عالم چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي ملندڙ عام واهپي واريون شيون پچائڻ باوجود نٿيون پچن. هن ملڪ ۾ سول، ملٽري ۽ ججز جو ڪوبه احتساب ناهي. عدالتن ۾ سالن کان ڪيترائي ڪيس بنا ڪارروائي جي پيل آهن. اجلاس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ايف آءِ اي کان يوٽيلٽي استورز جي جاچ جي رپورٽ 10 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button