رانديون

اعجاز پٽيل جون هڪ اننگ ۾ 10 وڪيٽون، نيوزيلينڊ 62 رنسن تي آئوٽ، ڀارت کي 332 رنسن جي برتري

نيوزيلينڊ جي ڀارت ڄائي بالر اعجاز پٽيل هڪ اننگ ۾ 10 وڪيٽون وٺي اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، پر سندس ٽيم جا بيٽرن 62 رنسن تي آئوٽ ٿي سڄي محنت تي پاڻي هاري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ 325 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اعجاز پٽيل 10 وڪيٽون وٺي مک ڪردار ادا ڪيو ۽ هو هڪ اننگ ۾ 10 وڪيٽون وٺندڙ ٽيون بالر بڻجي ويو آهي. ڀارت جي پهرين اننگ ۾ ميانڪ اگروال 150 رنسن جي اننگ کيڏي آهي. جڏهن تھ موٽ ۾ نيوزيلينڊ جي سڄي ٽيم 62 رنسن جي مختصر اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڀارت جي روي چندرن ايشون 4 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ محمد سراج 3، اڪشر پٽيل 2 ۽ جيانت يادو هڪ وڪيٽ ورتي آهي. پهرين اننگ ۾ نيوزيلينڊ جا 6 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ آيا ۽ 3 ڄڻا ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ ٽام ليٿم 10، ڪائلي جيميسن 17 رنس سان نمايان رهيا. ڀارتي ٽيم جي ٻي ٽيسٽ تي پڪڙ مضبوط ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button