رانديون

ڊوميسٽڪ جي 200 ڪرڪيٽرن کي 4 مهينن کان پگهار نھ ملي

پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏندڙ 200 ڪرڪيٽرن کي 4 مهينن کان پگهارون نھ ملي سگهيون آهن، جنهن سبب اهي سخت پريشان ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر مهانگائي واري دور ۾ پگهارون نھ ملڻ سبب پريشاني جو شڪار آهن. هوڏانهن پي سي بي ترجمان انتظامي ڪوتاهي سبب پگهارون نھ ڏئي سگهڻ جو اعتراف ڪيو. جڏهن تھ پي سي بي چيئرمين رميز راجا ڄاڻ ملندي ڪرڪيٽرن کي سڀ پگهارون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي سي بي جي ترجمان چيو تھ انتظامي ڪوتاهي سبب پگهارون جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي، ڪرڪيٽرن جو آگسٽ کان نومبر تائين پگهارون ايندڙ هفتي ڏنيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button