رانديون

دوحا ۾ ورلڊ ڪپ مقابلا، ڪنٽينرن سان فٽبال اسٽيڊيم تيار

فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي مقابلن جي حوالي سان دوحا ۾ ڪنٽينرن سان انوکو فٽبال اسٽيڊيم تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 40 هزار ماڻهن جي گنجائش رکي وئي آهي. ميڊيا مطابق دوحا ۾ تعمير شروع ڪرڻ وقت اسٽيڊيم جو نالو راس ابو عبود رکيو ويو هو، جنهن کي ان جي تعمير مڪمل ٿيڻ بعد بدلايو ويو آهي. جڏهن تھ هاڻ استعمال ٿيل ڪنٽينرن جي تعداد تحت ان کي اسٽيڊيم 974 جو نالو مليو آهي، ڇوتھ ان جي تعمير ۾ 974 ڪنٽينر استعمال ڪيا ويا آهن. فٽبال جي هن اسٽيڊيم ۾ ايونٽ دوران 40 هزار ماڻهن جي گنجائش رکي وئي آهي. جڏهن تھ انوکي اسٽيڊيم کي ايونٽ مڪمل ٿيڻ بعد ٽڪرا ڪري ختم ڪري سگهبو. اسٽيڊيم ۾ ميڊيا، ٽوائليٽ ۽ ٻيا سيڪشن پڻ رکيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button