رانديون

نوجوانن کي راندين جون سهولتون ڏيڻ ترجيح آهي: عمران خان

پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيو آهي تھ حڪومت وٽ نوجوانن کي راندين جون سهولتون ڏيڻ پهرين ترجيح آهي. نيشنل اسپورٽس پاليسي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڍانچي جي نئين سر تعمير بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو تھ مقامي سطح تي راندين ۾ شرڪت يقيني بڻائي باصلاحيت نوجوان اڳيان آندا وڃن، ان ۾ اسپورٽس بورڊ ريگيوليٽر طور ڪم ڪري، هتان جا نوجوان دنيا جو هر ميدان فتح ڪري سگهن ٿا. هوڏانهن برطانوي فٽبالر مائيڪل اوون ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو حصو بڻيو آهي. هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو تھ پاڪستاني نوجوانن کي گلوبل سطح تي آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪندس. جڏهن تھ وزيراعظم عمران خان کيس مبارڪ ڏيندي مقامي ٽيلنٽ کي ڪامياب ڏسڻ چاهيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button